اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چ??و آهي ته دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ ??ال?? سڳورن ۽ ٻين مذهبي اڳواڻن سان مشاورت جي شروعات ڪئي وئي آهي، مان ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سالڪ حسين ان قومي مشن کي اڳيان وٺي وينداسين، سڀ کان پهرين اسان سڀ پاڪستاني آهيون ۽ سڀ کان پهريان پاڪستان آهي، اسان کي جنهن باهه ۾ ڌڪيو پيو وڃي اسان کي ان مان نڪرڻو آهي. ??ال?? سڳورن ۽ ٻين اڳواڻن جي مدد سان ئي اسان ان باهه مان نڪري سگهون ٿا. اهڙو اظهار هن چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جي چ??ئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي قيادت هيٺ سمورن مڪتب فڪر جي ??ال?? سڳورن ۽ ٻين مذهبي ڌُرين جي اڳواڻن سان مل??قا?? دوران ڳالهائيندي ڪيو. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين به ان موقعي تي موجود هو. گهرو وزير محسن نقوي چ??و ته دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ اسان سڀني کي قوم جي حيثيت سان گڏ ٿيڻو آهي، اسلام ۽ دين کي استعمال ڪري ماڻهن کي ورغلائي دهشتگرديءَ ۾ ملوث عنصرن جو رستو روڪڻو پوندو، رياست خلاف هٿيار کڻڻ وارو شخص يا تنظيم دهشتگرد آهي، اسان جو دين ۽ آئين به واضح طور تي چ??ي ٿو ته رياست خلاف هٿيار کڻڻ وارو دهشتگرد آهي، ڪنهن کي ڪهڙيءَ به طرح قتل ڪرڻ جي اسلام ۽ـ اسان جي ملڪ جي قانون ۾ قطعن اجازت ناهي. هن چيو ته اسان کي ملڪ خاطر دهشتگردي جي لعنت خلاف متحد ٿيڻو آهي. اسان يڪجهتي ۽ اتحاد جو پيغام ڏينداسين ته ان جو اثر تمام گهڻو ٿيندو ۽ مضبوط پيغام ويندو. محسن نقوي چ??و ته 6 سيپٽمبر جي حوالي سان اسان اڄ به انهن ماڻهن کي موقعو ڏئي رهيا آهيون ته هو رياست آڏو هٿيار ڦٽو ڪن، اڄ به چئون ٿا ته رياست کي مڃين، آئين کي مڃين ۽ قانون کي مڃين، اڄ به انهن وٽ موقعو آهي، اسان هر صوبي ۾ وينداسين. وڏن وزيرن ۽ ??ال??ن سان ملنداسين. اهوئي پيغام صوبائي راڄڌاني کان به ڏينداسين، صدر ۽ وزيراعظم سان مل??قا??ن ۾ به اهوئي پيغام پهچائينداسين. هن چيو ته صدر ۽ وزيراعظم به ان مقصد لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، اسان کي اسلام جو نالو غلط استعمال ڪرڻ کي روڪڻو آهي، دين جا اصل رهنما ??ال?? سڳورا ۽ مشائخ آهن، اڄ اسان قوم کي اهو پيغام ڏيون ته اسان دهشتگرديءَ خلاف متحد آهيون. گهرو وزارت ۽ مذهبي معاملن واري وزارت ان سلسلي ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪنديون. دهشتگرديءَ بابت اوهان جي تجويزن تي به عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته خاص طور تي مولانا عبدالخبير آزاد جو ٿورائتو آهيان جنهن اوهان سڀني کي هتي گڏ ڪيو، دهشتگرديءَ خلاف گڏيل پيغام انتهائي ضروري آهي. چوڌري سالڪ حسين چيو ته اسان کي گڏجي نئين نسل کي بارود ۽ باهه جي راند کان بچائڻو آهي. نئين نسل کي محفوظ مستقبل ڏيڻ لاءِ حڪومت، ادارن ۽ ??ال?? سڳورن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. پاڪستان لاءِ سڀني کي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي. هر پاڪستاني جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي. ??ال?? سڳورا ۽ مشائخ ماڻهن جي اصلاح ڪن ۽ رياست خلاف هٿيار کڻندڙ خلاف آواز بلند ڪن. ان موقعي تي مولانا عبدالخبير آزاد به خطاب ڪيو. مل??قا?? کان پو??ِ گڏيل پڌرائيءَ جي منظوري ڏني وئي. ??ال?? سڳورن ۽ مشائخن ملڪ ۾ انتهاپسندن ۽ـ دهشتگردن جي بيانيي کي هڪدم رد ڪري ڇڏيو. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته اسلام امن جو دين آهي جيڪو انسانيت جو احترام ۽ تشدد کان پاڪ معاشري جو درس ڏئي ٿو. موجوده ملڪي حالتن ۾ بين المسالڪ ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي وقت جي اهم ضرورت آهي. ڪنهن کي به بي ڏوهي قتل ڪرڻ جي اسلام هرگز اجازت نٿو ڏي. وطن عزيز لاءِ پاڪ فوج جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. پو??ي قوم پنهنجي بهادر هٿياربند فوج سان گڏ آهي. اسلام اقليتن، عورتن ۽ ٻارن جي حقن جو ضامن آهي. پيغام پاڪستان، پاڪستان جو اهو عظيم بيانيو آهي جنهن کي ممبر ۽ محراب ذريعي هر گهر جو آواز بڻائي ڇڏينداسين. هي وقت ملڪ ۾ ڏڦيڙ نه پر اتحاد ۽ اتفاق ۽ قوم ۽ اُمت کي جوڙڻ جو آهي. مل??قا?? ۾ مولانا ضياءُ الرحمان، مولانا محمد طيب قريشي، علامه مختيار احمد نديم، علامه عارف حسين واحدي، مفتي گلزار احمد نعيمي، مولانا تنوير احمد علوي ۽ ٻيا موجود هئا.