اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) گوگل پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن جي تربيت جي حوالي سان حڪومت سان تعاون جو فيصلو ڪيو آهي، گوگل 2026ع تائين پاڪستان ۾ 5 لک ڪروم بڪس تيار ڪندو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو آهي ته پاڪستان ۾ مع??شت کي مڪمل طور تي ڊيجيٽل ڪرڻ جا قدم کنيا پيا وڃن، نوجوانن جي تربيت، آءِ ٽي انفراسٽرڪچر ۽ ريگيوليٽري نظام جي بهتري جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب گوگل جي ايشيا پيسفڪ ريجن جي صدر اسڪاٽ بيومونٽ جي قيادت ۾ گوگل جي 4 رڪني وفد وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سان ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن جي مع??شت ڊيجيٽائيزيشن طرف گامزن آهي. ايندڙ 5 سالن ۾ 25 بلين آمريڪي ڊالر جي روانگي واپار جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي حڪومتي منصوبن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته نوجوانن جي تربيت، آءِ ٽي انفراسٽرڪچر ۽ ريگيوليٽري نظام جي بهتري جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. هن چيو ته پاڪست??ن جي مع??شت کي مڪمل طور تي ڊيجيٽل ڪرڻ جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم مع??شت جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان گوگل جهڙي وڏي آءِ ٽي ڪمپني جي تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪست??ن جي ڊيجيٽل مع??شت کي اڳتي وڌائڻ ۾ گوگل جي ڪردار کي ساراهيو ۽ گوگل جي انهن قدمن کي ساراهيو جن جي ڪري گذريل ڪجهه سالن ۾ هزارين پاڪستانين جي زندگين ۾ نمايا?? بهتري آئي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمين??ن جو اظهار ڪيو ته گوگل رڳو 2023ع ۾ پاڪستاني نوجوانن کي 10 لک جي لڳ ڀڳ نوڪريون حاصل ڪرڻ جي قابل بڻايو آهي جيڪو ڊيجيٽل دنيا ۾ پاڪست??ن جي صلاحيت ۽ پاڪست??ن جي نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گوگل جي عزم جو عڪاس آهي. آءِ ٽي جي حوالي سان حڪومتي قدمن کي ساراهيندي اسڪاٽ بيومونٽ چيو ته گوگل پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن جي تربيت جي حوالي سان حڪومت سان تعاون جو فيصلو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪنالاجي جو معاشي بهتري جي لاءِ استعمال، نوجوانن جي وڏي آبادي ۽ تيزي سان وڌندڙ مع??شت گوگل جهڙي ٽيڪ ڪمپني جي لاءِ اهم عمل آهن. هن چيو ته 2026ع تائين گوگل پاڪستان ۾ 5 لک ڪروم بڪس تيار ڪندو.