اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان پاڪستان ۾ ا??بڪ??تان جي سفير اوبيڪ عارف عثمانوف اربع ڏينهن سن??س آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. مملڪتي وزير شزه فاطمه چيو ته پاڪستان ا??بڪ??تان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۾ تعاون اهم آهي، پاڪستان ۽ ا??بڪ??تان ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪٻئي جي تجربن ??ان فائدو کڻي سگهن ٿا. ا??بڪ??تان جي سفير چيو ته پاڪستان سان آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، چاهيون ٿا ته ا??بڪ??تان جي ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز واري وزارت ۽ پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزار?? جو جوائنٽ ورڪنگ گروپ قائم ٿئي، ا??بڪ??تان پاڪستان سان اسٽارٽ اپس ايڪسچينج پروگرام شروع ڪرڻ جو خواهشمند آهي.