پشاور-21 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ايران جي شهر يزد ۾ پاڪستاني زائرين جي بس کي پيش آيل حادثي تي ايران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته متاثرن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي، جنهن تي ايران ۾ م??جو?? سفير گورنر کي متاثرن جي هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي آ??ي. ٻئي پاسي گورنر متاثر خاندانن کي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته حادثي وارو هنڌ قونصل خاني کان 9 سئو ڪلوميٽر پري آ??ي، پاڪستاني سفير پاڻ امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي، يزد ۾ پاڪستاني زائرين جي شهادت افسوسناڪ آهي، صدر آصف علي زرداري ان حوالي سان انتهائي ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ صدر پاڪستان سنڌ حڪومت کي حادثي متاثرن جي وارثن سان فوري رابطو ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. متاثرن جو ??عل?? لاڙڪاڻي سان آهي، انهن جي وارثن کي ڀرپور ??ڪومتي تعاون فراهم ڪيو ويندو. گورنر چيو ته بس حادثي جي شهيدن جا مڙهه حاصل ڪرڻ لاءِ صدر زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خصوصي هدايتون جاري ڪيون آهن ۽ بس حادثي تي بلاول ڀٽو زرداري فوري طور ??ي ايراني عملدارن سان پڻ رابطو ڪيو آهي. هن ايراني عملدارن طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري کي به سٺو سنئ??ڻ قرار ڏنو آهي.