اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف بنگلاديش ۾ تازي ٻوڏ واري صورتحال تي بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محم?? يونس کي خط ۾ پاڪستان پاران مدد جي آڇ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف چيو ته بنگلاديش ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ واري صورتحال تي دلي ڏک آهي، هِن ڏُک واري گهڙيءَ ۾ مون سميت پوري پاڪستاني ??وم جون همدرديون بنگلاديشي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن. هن چيو ته مشڪل وقت ۾ بنگلاديش ۽ بنگلاديشي شهرين جن جا پيارا ٻوڏ ۾ وڇڙي ويا، گهر ۽ روزگار تباهه ٿيا، سان گڏ بيٺل آهيون، بنگلاديشي عوام مشڪلاتن ۾ پنهنجي حوصلي ۽ همت جي ??اءِ سڃاڻي وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته پراميد آهيان ته بنگلاديش توهان جي ??يادت ۾ هن مشڪل مان جلد نڪري ايندو، پاڪستان هن مشڪل وقت ۾ هر طرح سان بنگلاديش جي ??دد جي ??اءِ تيار آهي.