اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان گڏيل دلچسپي جي سمورن شع??ن ۾ دوست ملڪن سان واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صد?? جي پريس ون?? پاران جاري بيان موجب صد?? اهڙن خيالن جو اظهار ويتنام، مالديپ ۽ آئرلينڊ جي سفيرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صد?? ۾ کيس سفارتي سندون پيش ڪيون. سفيرن صد?? سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. صد?? سفيرن کي پاڪستان ۾ مقرري تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستا?? سمورن دوست ملڪن سان ٻطرفو واپاري ماپو وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. آصف علي زرداري ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير پاڪستان سان گڏيل فائديمند تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صد?? چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شع??ن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، سيڙپڪارن کي زراعت، توانائي، انفراسٽرڪچر، مينوفيڪچرنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ گرين ٽيڪنالاجي جي شع??ن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ سفيرن کي ايوان صد?? پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.