ڪوئيٽا-08 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي ??ڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته گوادر ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ??ان ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي سامهون آئي آهي، مسئلي جي جلد لاءِ پرُاميد آهيون، چمن مسئلي جي حل لاءِ ون ڊاڪيومينٽ رجيم تي عملدرآمد لاءِ چمن جي شهرين کي پهريون ڀيرو مفت پاسپورٽ ڏنو ويندو. اهڙو ??ظهار هن ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڪوئيٽا ۾ ميڊيا ??ان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ??ان پهرين ڏينهن کان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، هاڻ به ڳالهين جو مرحلو هلي رهيو آهي، ??وب??ئي حڪومت ان ڳالهه تي قائل آهي، آئين پاڪستان جي اندر رهندي جمهوري جدوجهد ڪندڙن ??ان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جو نالو وٺڻ کانسواءِ هن چيو ته گوادر ڌرڻي جي شرڪت ڪندڙن ??ان ڳالهيون آخري مرحلي ۾ آهن جلد ڳالهين ذريعي مسئلي جو حل ڪڍيو ويندو