اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده کان وطن واپس روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس موجب هوائي اڏي تي سعودي پرڏيهي وزارت جي وز??ر فريد الخريم، سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق ۽ جده ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل خالد مجيد کيس الوداع ڪيو. اها ڳ??لهه ذڪر جوڳي آهي ته نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار جده ۾ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ڪجهه ميمبر ملڪن جي ??م منصبن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ والاريل فلسطيني علائقي خاص طور تي غزه ۽ وچ اوڀر جي علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.