راولپ??ڊي – 07 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته جما??ت اسلامي جو مطالبو اسان جي ايجنڊا آهي، جما??ت اسلامي سان ڪيترن ئي معاملن تي اتفاق ٿي ويو آهي، آءِ پي پيز جي معاملن جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ٿي چڪي آهي، سڀاڻي (خميس) ڏينهن شام جو جما??ت اسلامي سان ڳالهه ٻولهه ج?? وڌيڪ هڪ ويهڪ ٿ??ند??. اها ڳالهه هن ڪمشنر آفيس راولپ??ڊي ۾ جما??ت اسلامي ۽ حڪومتي ڳالهين واري ٽيم جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه کانپوءِ صحافين سان ڳالهائ??ند?? چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جما??ت اسلامي سان اڄ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڪجهه معاملا لکت ۾ طئي ٿيا آهن. هن چيو ته بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايجنڊا آهي، 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي آهي جيڪا جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهيني جي لاءِ آهي. هن چيو ته آءِ پي پيز جي معاملن جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ٿي چڪي آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف انهن قدمن تي عمل پيرا آهي. هن چيو ته جما??ت اسلامي جو مطالبو اسان جي ايجنڊا آهي، ڪيترن ئي معاملن تي اتفاق ٿي ويو آهي، وڌيڪ معاملن تي اتفاق ٿيڻو آهي، سڀاڻي شام جو جما??ت اسلامي سان وڌيڪ هڪ ويهڪ ٿ??ند??. هن چيو ته اڄ به ڳالهين ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مارچ ڪرڻ جما??ت اسلامي جو جمهوري حق آهي، حڪومت سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته جما??ت اسلامي جي سيالڪوٽ ۾ گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ جما??ت اسلامي ۽ حڪومتي ڳالهين واري ٽيم جي وچ ۾ ڪمشنر آفيس راولپ??ڊي ۾ ڳالهيون ٿيون. حڪومتي ڳالهين واري ٽيم ۾ اطلاعات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وفاقي گهرو وزير محسن نق??ي، ڪشمير معاملن ۽ سيفران وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، مسلم ليگ (ن) جو سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ سميت آر پي او راولپ??ڊي ۽ ڪمشنر راولپ??ڊي شامل هئا جڏهن ته جما??ت اسلامي جي وفد جي قيادت لياقت بلوچ ڪئي. ڳالهين ۾ ڪيترن ئي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. خميس ڏينهن جما??ت اسلامي سان حڪومتي ڳالهين واري ٽيم جون ٻيهر ڳالهيون ٿ??ند??ون.