اسلام آباد – 02 ?? آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تازين برساتن ۾ ملڪ جي مخ??لف حصن ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي برساتن کان متاثر ماڻهن جي لاءِ امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر برساتن جي ڪري حادثن ۾ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي آهي. هن چيو ته ب??ساتن سان ٿيندڙ حادثن ۽ قيمتي جاني نقصان کان بچڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته حادثن کان بچاءُ ۽ پاڻي جي نيڪالي جي لاءِ انتظاميا کي وقت سر قدم کڻڻا پوندا. آصف علي زرداري حادثن ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت لا??ِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ??مي?? جي دعا ڪئي.