شينزن – 05 – جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جا سمورا معاشي انگ اکر مثبت رخ طرف گامزن آهن. پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، حڪومت اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا تي ڌيان ڏنو آهي، اسان جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 9 ارب ڊالر کان وڌي چڪا آهن، ناڻي واڌ 38 سيڪڙو کان وڌ?? وئي هئي جيڪا هاڻي گهٽ ٿي مئي ۾ 11 سيڪڙو تي اچ?? وئي آهي. چين جي شهر شينزن ۾ پاڪ چين بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاليسي فريم ورڪ ۽ پاليسين ۾ تسلسل حڪومت جو ڪم آهي، نجي شعبو هاڻي ملڪ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو?? جڏهن ته بزنس ڪانفرنس کي چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي خطاب ڪندي چيو ته بزنس فورم ٻنهي طرفن کان مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. شينزن تر??ي ج??ن منزلون طئي ڪرڻ جي حوالي سان هڪ مثال آهي. هي بزنس ڪانفرنس ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ٻنهي ملڪن مان 500 بزنس ليڊرن جي هتي شرڪت ان جي ڪاميابي جو ثبوت آهي. ايگزيڪيوٽو وائيس ميئر شينزن ٿائو خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي شينزن اچڻ جي آجيان ڪندي چيو ته گ??يل بزنس فورم ڪاروباري شخصيتن کي موثر پليٽ فارم مهيا ڪيو. ان کان اڳ ڪانفرنس جي شروع ٿيڻ تي پاڪستان ۽ چين جا قومي ترانا وڄايا ويا.