بشڪيڪ – 22 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير س??ني??ر محمد اسحاق ڊار ڪرغز جمهوريه جي پرڏيهي وزير ڪلوبايف زين بيڪ مولدوڪانووچ سان تفصيلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن کان ??اڪ??تان ۽ جمهوريه ڪرغزستان جي وچ ۾ پراڻي دوستاڻي لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ڪرغزستان ۾ ??اڪ??تانين سميت غيرملڪين جي خلاف تشدد جي تازي افسوسناڪ واقعن تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي. هن ڪرغز حڪومت پاران بدامني دوران حالتون معمول تي آڻڻ ۽ ??اڪ??تاني شاگردن جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ان جي فوري ق??من تي ٿورا مڃيا. نائب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ??اڪ??تانين جي خلاف تشدد جي تازين ڪاررواين جي ذميوارن جو گهيراءُ ڪيو ويندو. ڪرغز پرڏيهي وزير امن امان جي بحالي جي لاءِ ڪرغز عملدارن پاران کنيل ق??من جي وضاحت ڪئي ۽ فسادن ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري، ڪيس هلائڻ ۽ سزا ڏيڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم ڪرغز جمهوريه ۾ رهندڙ ??اڪ??تاني شهرين سميت سمورن غيرملڪين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.