دوحه-05 مارچ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني ٻطرفي گڏيل مفادن جي وسيع مع??ملن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مع??شي، سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ اڳ کان موجود رابطن ۽ بهترين تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طر??قن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ملاقات دوران قطر سان ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي سيڙپڪاري واپاري ۽ پاڪستان مان هنرمند ماڻهن کي قطر گهرائڻ جي طر??قن ۽ ذريعا وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم آفيس جي پريس و??گ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف دوحه پهچڻ کانپوءِ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي انتظام هيٺ گهٽ ترقي ڪندڙ ملڪن جي ڪانفرنس جي پنجين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ قطر پهتو آهي. قطر جي امير جي دعوت تي وزيراعظم هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ شيخ تميم بن حمد آل ثاني ٻطرفي گڏيل مفادن جي وسيع تر مع??ملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ مع??شي ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ پهرين کان موجود بهترين تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طر??قن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، قطر جي امير جي ترقي ۾ پاڪستاني پورهيتن جي ڪوششن کي ساراهيو خاص طور تي قطر جي ميزباني ۾ فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي ڪاميابي موقعي تي پاڪستاني سيڪيورٽي عملدارن جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو. ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي ترقي جي منصوبن ۾ قطر جي مسلسل حمايت کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي وسيع موقعن کي اجاگر ڪيو. ملاقات دوران قطر سان ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي سيڙپڪاري، واپاري ۽ پاڪستان کان هنرمند ماڻهن جي قطر موڪلڻ جي طر??قن ۽ ذريعن کي وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون، قطر جي امير وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قطر اچڻ تي ڀليڪار چيو، هن پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ مع??شي تعاون وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي ترقي جي ايجنڊا ۾ قطر طر??ان ڀرپور تعاون جي پختي عزم ۽ حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم قطر جي امير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.