استنبول – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب او آءِ سي اطلاعات وارن وزيرن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪيه پهچي وئي. او آءِ سي جي اطلاعات وارن وزيرن جي ڪانفرنس جو 12 هون اجلاس 21 ۽ 22 آڪٽوبر تي ترڪيه جي شهر استنبول ۾ ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهي آهي. ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جو موضوع ”سچ جي دور کانپوءِ غلط معلومات ?? اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ“ آهي. ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل حسن ابراهيم طحه خطاب ڪندو جڏهن ته ڪانفرنس ۾ اطلاعات جي مختلف شعبن ۾ او آ3 سي جي ڪردار تي ڌيان ڏنو ويندو. او آءِ سي جي اطلاعات وارن وزيرن جي ڪانفرنس ۾ خاص طور تي فلسطين ۽ القدس شريف جي مسئلن جي حوالي سان ميڊيا کي متحرڪ ڪرڻ سميت آفريقي او آءِ سي ميمبر ملڪن جي مسئلن کي اجاگر ڪيو ويندو. ڪانفرنس ۾ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ ۾ او آءِ سي جي ڪردار، اسلام جي صحيح تصوير پيش ڪرڻ ۽ ميڊيا جي ڌرين ۾ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کان بچڻ جي حوالي سان معاملن تي غور ڪيو ويندو. ڪانفرنس ۾ مسلما?? دنيا ۾ ميڊيا جي مهارت ۽ تربيت جي فروغ جي حوالي سان معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي.