اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف چيو ??هي ته حڪومت هڪ سال ۾ 5 ملين ڊالر جو برآمدي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر کي ??هولتون فراهم ڪندي، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبي ۾ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي جنهن کي کولڻ جي ضرورت آهي، حڪومت ان کي ملڪ جو هڪ مضبوط شعبو بڻا??ڻ جي لاءِ درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سموريون سهولتون ۽ پاليسي مدد فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي ترقي لاءِ هڪ ڀرپور حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ آءِ ٽي ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ??ه حڪومت آءِ ٽي جي شعبي جي توسيع ۽ ترقي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ??ه آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر کي هڪ سال جي اندر 5 بلين ڊالر جو هدف حاصل ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ??ه حڪومت انڊسٽري ليڊرز جي مشاورت سان هڪ ٺوس پئڪيج جي ذريعي پنهنجو ڀرپور تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کي چيو ??ه هو واشنگٽن مان واپسي تي ٽاسڪ فورس جو اجلاس طلب ڪري ۽ پاليسي سفارشون جوڙي. وزيراعظم چيو ??ه هي منصوبا آءِ ٽي ٽريننگ ۽ انڪيوبيشن سينٽرز، ڪال سينٽرز، ٽيلڪوز، خودمختيار ٽيڪنالاجي پارڪس (ايس ٽي پي)، سافٽ ويئر هائوسز ۽ فري لانسنگ جي ڪم کي مضبوط بڻا??ڻ جي لاءِ جاري آهن ته جيئن ان اميد جوڳي سروس سيڪٽر کي ??يزي سان ترقي ڏئي سگهجي. وزيراعظم کي ??ريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ??ه اٽڪل 40 هزار آءِ ٽي پروفيشنلز جي افرادي قوت سان پاڪستان جو آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جو شعبو ترقي ڪري رهيو ??هي. اها 2.6 بلين ڊالر جي سالياني آءِ ٽي روانگي واپار سان فري لانسرز جي چوٿين سڀ کان وڏي مارڪيٽ ۽ ا??ما??ون تي سڄي دنيا ۾ ٽيون سڀ کان وڏو ري سيلر آهي، ملڪ ۾ وڌندڙ موبائيل فون مينوفيڪچرنگ جي صلاحيت سان ان جا اٽڪل 195 ملين موبائيل فون صارفين آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ??ه ان جي مڪمل ترقي جي صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ پاڪستان کي ??نيا ۾ آءِ ٽي آئوٽ سورسنگ حب طور پيش ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي جي برآمدات جي سمورن امڪاني جاين خاص طور تي نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جي خطي ۾ ان جي تشخص کي ??جاگر ڪرڻ ۽ ڀرپور مارڪيٽنگ مهم جي سخت ضرورت آهي. وڌيڪ اهو ته آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ، ايف بي آر ۽ ايس اي سي پي جي ضابطن کي ??سان بڻا??ڻ جي لاءِ هڪ ٺوس پئڪيج پڻ وقت جي ضرورت آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ملڪ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي فروغ ۽ ترقي جي لاءِ امڪاني قدم کڻن. اجلاس ۾ آءِ ٽي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چ??ما?? نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شيزه فاطمه خواجه، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر جي نمائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.