اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جاپاني ڪمپنين کي شمسي توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ شمسي توانائي سان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي جي هنگامي بنياد تي شروعات ڪئي پئي وڃي، سرڪاري عمارتن، ڪاروباري مرڪزن ۽ ٽيوب ويلن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪري قيمتي پرڏيهي ناڻو بچايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي معيشت، واپار ۽ انڊسٽري ??ار?? پارلياماني نائب وز??ر ستومي ريوجي جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ موجود جاپاني ڪمپنين جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ سيڙپڪاري بورڊ (بي او آءِ) ??ار?? وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، واپار ??ار?? وفاقي وز??ر سيد نويد قمر، صنعت ۽ پيداوار ??ار?? وفاقي وز??ر سيد مرتضيٰ محمود، ناڻي ??ار?? مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، وزيرا??ظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن کانسواءِ پاڪستان ۾ جاپان جو سفير وادامتسوهيرو به موجود هو. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان شمسي توانائي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻي جي نيڪالي ۽ گند ڪچري کي ٺڪاڻي لڳ??ئڻ جي شعبن ۾ جاپاني سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان شمسي، ونڊ ۽ هائيڊل جهڙن قابل تجديد توانائي جي ذريعن مان فائدو کڻڻ طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي ڇو ته تيل، گئس ۽ ٻئي مهانگي ٻارڻ جي درآمد تي خرچ ٿيندڙ وڏو پرڏيهي ناڻو اسان جي معيشت تي ناقابل برداشت بار آهي. هن چيو ته پاڪستان شمسي توانائي سان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبي جي هنگامي بنيادن تي شروعات ڪري رهيو آهي، ان مقصد جي لاءِ حڪومت نه رڳو هڪ موثر سيڙپڪاري پلان تيار ڪري ورتو آهي پر سمورين ڌرين جي پري بڊ ڪانفرنس پڻ منعقد ڪئي وئي آهي، شمسي توانائي جي ان منصوبي تحت سولر پارڪس لڳ??يا ويندا ۽ سرڪاري عمارتن، ڪاروباري مرڪزن ۽ ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪري ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچايو ويندو. وزيرا??ظم جاپاني ڪمپنين کي ان اهم منصوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي انهن کي هر طرح جي سهولت ۽ آساني جي خاطري ڪرائي. وزيرا??ظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) تحت ڪراچي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻي جي ٽريٽمينٽ ۽ گند ڪچري کي ٺڪاڻي لڳ??ئڻ جي منصوبن ۾ جاپاني ڪمپنين جي سيڙپڪاري جو پڻ خواهشمند آهي. وزيرا??ظم پاڪستان ۾ تازي تاريخي ٻوڏ سان ٿيندڙ ??با??ي ۽ قيمتي جانين جي زيان تي جاپان جي حڪومت ۽ عوام پاران همدردي جي جذبن ۽ 70 لک ڊالر جي مالي امداد تي ان جا ٿورا مڃيا. وزيرا??ظم ان موقعي تي پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪندڙ جاپاني ڪمپنين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن جي عملدارن جي ڪميٽي جوڙڻ جا پڻ حڪم جاري ڪيا.