اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خ??ن کي تڪبر ۽ خودپسندي جو ذهني مريض هجڻ سبب خطرناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خ??ن کي ڪنهن اداري، ان جي سربراهه يا جج کي گاريون ڏيڻ ۾ ڪو شرم نه آهي، عدالتن کي خبر ??جڻ گهرجي ته عمران خ??ن کي نه ندامت آهي ۽ نه ئي شرمندگي، بزدل، انا پرست، خوش پسندي ۽ تڪبر ۾ ٻڏل شخص خطرناڪ ئي هوندو آهي، هو هڪ نڪ نرڄو، فسادي ۽ بي شرم انسان آهي، جيڪو کلي ڪوڙ ڳالهائي ٿو، ٻوڏ تي سياست ڪري ٿو، قوم ۽ ميڊيا کي اپيل آهي ته خود پسند، انا پرست ماڻهو بدران ٻوڏ متاثرين طرف ڌيان ڏين. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته متاثرين هن وقت ٻوڏ جي تڪليف ۾ آهن، انهن پاڪستاني رهواسين جي مدد تي ئي قوم ۽ ميڊيا پنهنجو ڌيان ڏي. هن چيو ته عمران خ??ن ٻوڏ متاثرين جي ج??بن سان کيڏي انتشار پکيڙڻ چاهي ٿو، اهو بيمار ذهنيت وارو شخص ٻوڏ متاثرين جي اٽي تي به سياست ڪري ٿو، هي پنهنجي گهٽيا سياست جي لاءِ ٻوڏ متاثرين جي امداد روڪرائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اها بيمار ذهنيت آهي جيڪو سمجهي ٿو ته آئون وزيرا??ظم نه آهيان ان لاءِ ٻوڏ متاثرين جي مدد نه ڪندس، ڪڏهن آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي روڪرائي ٿو، ڪڏهن ٻوڏ متاثرين جي امداد روڪرائڻ جي گهٽيا ڪوشش ڪري ٿو، هي اهو ئي ذهني بيمار آهي جيڪو پنهنجي سياست جي لاءِ شهيدن جي خلاف سوشل ميڊيا تي زهريلي مهم هلائي ٿو.