اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جاپان سان پاڪستان جي پراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي ان قابل قدر حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي جڏهن ته هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لا??ِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم هائوس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم سان جاپان جي پرڏيهي معاملن واري نائب پارلياماني وزير هونڊا تارو ڪالهه اربع ڏينهن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي دوستاڻن ۽ تعاون تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي وزيرا??ظم پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ سماجي ۽ اقصادي ترقي جي لاءِ جاپان حڪومت پاران فراهم ڪئي ويندڙ معاونت کي ساراهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، قابل تجديد توانائي ۽ بين لاڳاپيل شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي. گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ جاپاني ادارن پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي ساراهيندي وزيرا??ظم خاطري ڪرائي ته حڪومت اهڙي قسم جي سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. وزيرا??ظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. پرڏيهي معاملن واري پارلياماني نائب وزير پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جاپان جي عزم کي ورجائيندي هن پاڪستان جاپان تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ ذاتي ڪوششن تي وزيرا??ظم جا ٿورا مڃيا. هن واپار، سيڙپڪاري ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي حوالي سان پاڪستان سان جاپان جي مسلسل تعاون جي عزم کان آگاهه ڪيو. وزير هونڊا تارو وزيرا??ظم کي پاڪستان ۾ جاپان جي امدادي اداري جائيڪا جي خاص طور تي صحت، پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ قدرتي آفتن کان ڇوٽڪاري جي شعبن ۾ تعاون بابت پڻ آگاهه ڪيو. وزيرا??ظم غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي سن??ين صورتحال تي روشني وجهندي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لا??ِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏنو.