اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته گلگت بلتستان هر لح??ظ کان پاڪستان جو هڪ زرخيز خطو آهي، هتي سياحت جا وسيع موقعا موجود آهن، جنهن جي تيز تر??ن ترقي جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ گهرجن. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گلگت بلتستان اسيمبلي جي ميمبرن سان ملاقات دوران صدر ??يو ته هڪ سٺي حڪومت جي اها سڃاڻپ آهي ته اها ترقي جي سفر ۾ تيزي سان اڳتي وڌي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته آئون پاڪستان جي ترقي بابت پراميد آهيان، ڪ??رونا وائرس جي وبا ۾ به اسان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان وڌيڪ تر??ي ڪئي آهي، اسان ۾ هر لح??ظ کان اڳتي وڌڻ جي صلاحيت موجود آهي ۽ ملڪ جو مستقبل روشن آهي. صدر ??يو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت ۽ ٻئي ميدان ۾ وسيلن جي ڀيٽ ۾ هنرمند ماڻهن جي کوٽ آهي. ان لاءِ انهن وسيلن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ ۽ علائقي کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ هنرمند ماڻهن جي ضرورت پوندي. بلتستان يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي مقرري بابت صدر ??يو ته علائقي ۾ معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۽ يونيورسٽي ۾ پيشيواراڻي قيادت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انتهائي قابل، اهل ۽ موزون شخصيت جي مقرري ڪئي ويندي. هن ??يو ته اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ گلگت بلتستان جي ٻين ضلعن ۾ به ميمبرن جي مطالبن کي نظر ۾ رکندي قراقرم يونيورسٽي ۽ بلتستان يونيورسٽي جا ڪئمپس قائم ڪيا ويندا. صدر گلگت بلتستان جي ترقي جي لاءِ ضروري وسيلن جي فراهمي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جو وڏو وزير ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جا ميمبر جن ۾ حڪمران ۽ مخالف ڌر پارٽين جا ميمبر پڻ موجود هئا.