هنزه – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي لاڳاپيل عملدارن کي انساني ۽ قدرتي آفتن کي ??نهن ڏيڻ جي ل??ءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ مستقبل ۾ جاني ۽ مالي نقصان کا?? بچڻ جي ل??ءِ هر ممڪن قدم ??ني?? وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هنزه ششپر گليشيئر کا?? متاثر علائقي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. صدر کي حسن آباد ايف ڊبليو ڪئمپ ۾ نيشنل ه??ءِ وي اٿارٽي ۽ ايف ڊبليو او جي اعليٰ عملدارن پاران بريفنگ ڏني وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ماحولياتي تبديلي ۽ عالمي گرمي پد ۾ اضافي جي ڪري گليشيئرز جي پگهڙڻ ۾ تيزي آئي آهي، لاڳاپيل عملدار انساني ۽ قدرتي آفتن کي ??نهن ڏيڻ جي ل??ءِ تيار رهن، سمورا ممڪن حفاظتي قدم کڻن. هن چيو ته گلگت بلتستان جي ماڻهن کي ??درتي آفتن جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان کا?? بچائڻ جي ل??ءِ سمورن ادارن کي ????ءِ الرٽ رهڻ گهرجي، لاڳاپيل ادارا اهڙن واقعن جي وقت سر روڪٿام ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کا?? بچڻ جي ل??ءِ سمورا ممڪن قدم کڻن. هن چيو ته متاثر پل جي فوري تعمير ۽ متاثرين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ششپر گليشيئر جي متاثرين جا مطالبا حل ڪرڻ جي ل??ءِ فوري قدم ??ني?? وڃن. صدر کي ششپر گليشيئر جي پگهڙڻ، ممڪن خطرن، حسن آباد ۾ تعمير هيٺ آر سي سي پل ۽ ٻين مواصلاتي انتظامن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. صدر هنگامي حالتن ۾ عوام کي جاني ۽ مالي طور تي تحفظ فراهم ڪرڻ تي ايف ڊبليو او، جي پي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ضلعي انتظاميا جي قدمن کي ساراهيو.