اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽيڪس ڪلچر کي عام ڪرڻ ۽ شڪايت?? جي ازالي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شفاف نظام يقيني بڻائي ٽيڪس ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، وفاقي ٽيڪس محتسب جي اداري تي عوام جو اعتبار وڌي رهيو آهي ۽ شڪايت ڏيندڙ?? جي شڪايتن کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ حل ڪيو پيو وڃي. اهڙن ??يا??ن جو اظهار هن هتي ايوان صدر ۾ وفاقي ٽيڪس محتسب جي ”فوري انصاف توها?? جي چائنٺ تي“ جي موضوع تي آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ وفاقي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر عاصف محمودجاه هراسا?? جي خلاف تحفظ لاءِ وفاقي محتسب ڪشمالا طارق، وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل، اڳوڻو وفاقي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر شعيب سڊل، ايف بي آر، وفاقي ٽيڪس محتسب آفيس ۽ ٻين ادار?? جي سينئر آفيسرن ۽ مختلف چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته وفاقي ٽيڪس محتسب جو ادارو ٽيڪس گذار?? جي سهولت ۽ انه?? جي مسئلي جي حل لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ٽيڪس نظام ۽ شڪايت?? جي ازالي بابت عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. عوام مجموعي طور تي ٽيڪس ادا ڪرڻ چاهي ٿي، هن چيو ته اسلامي رياست ۾ زڪوات جو نظام اهم آهي، هڪ مهذب معاشري لاءِ ضروري آهي ته نادرا ماڻه?? جي زندگي جو معيار بلند ڪري، قومي وحدت لاءِ جعلي خبرن جهڙي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ضروري آهي. صدر چيو ته ٽيڪس جي شڪايت?? جي حوالي سان تعاون، انصاف جو رستو کوليندو آهي، شڪايت?? جي الزالي لاءِ وقت 60 ڏينهن کان گهٽ ڪري 40 ڏينهن تي اچي ويو آهي، ٽيڪس نظام ۽ شڪايتون داخل ڪرڻ ۾ ڊجيٽلا??يز??شن سان شفافيت اچي رهي آهي، وفاقي ٽيڪس محتسب جهڙن ادارن لاءِ ٽيڪنالاجي مددگار ثابت ٿيندي، صدر وفاقي ٽيڪس محتسب ۽ ا?? جي ٽيم کي شڪايت?? جي ازالي لاءِ ڪيل ڪوششن تي مبارڪباد پيش ڪئي، صدر چيو ته شڪايت?? جي ازالي ۾ غير ضروري دير سان ٽيڪس گذارن کي مشڪلاتون درپيش اينديون آهن، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڪرپشن ۽ بدانتظامي ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. بلاڪ چين ٽيڪنالاجي جي مدد سان فنڊ?? جي ڪرپشن، انڊر انوائيسنگ ۽ رشوت کي روڪي سگهجي ٿو. جديد آءِ ٽي نظام جي ذريعي ٽيڪس گذارن کي جلد رليف فراهم ڪري سگهجي ٿو. داڪٽر عارف علوي ٽيڪس گذارن تي زور ڏنو ته هو ٽيڪس عملدار?? جي ناانصافي، شڪايت?? جي ازالي ۽ انصاف کي حاصل ڪرڻ لاءِ وفاقي ٽيڪس محتسب سان رابطو ڪن، هن چيو ته مسئل?? جي وقت سر حل لاءِ حڪومتي ادارن ۽ عوام جي وچ ۾ بهتر رابط?? جي ضرورت آهي، صدر چيو ته وفاقي ٽيڪس محتسب ۾ ماڻه?? جي شڪايت?? جي باري ۾ ماڻهن کي ڀرپور آگاهي ڏيڻ اڻٽر آهي. ٽيڪس گذارن کي انصاف جي فراهمي لاءِ ٽيڪس محتسب جي دائري ڪار کي وڌائڻو پوندو. صدر چيو ته غير ضروري دير سان ٽيڪس گذارن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري بدعنواني کي ختم ڪري سگهجي ٿو. ان موقعي تي وفاقي ٽيڪس محتسب جي ڪارڪردگي جي باري ۾ هڪ دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي.