اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ٽيلي فون تي رابطو ڪيو، ڪراچي يونيورسٽي ۾ وين ڌما??ي بابت معلومات حاصل ڪئي ۽ ٻن عورتن سميت ??يني شهرين ۽ ڊرائيور جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڌما??ي بابت شروعاتي تفصيلن کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، وزيراعظم زخمين کي علاج جون بهترين سهولتونف راهم ڪرڻ جي هدايت ??ئي، سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ ۾ هر طرح سان توهان جي مدد ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد پاڪستان جا دشمن آهن، اتحاد ۽ اجتماعي ڪوششن سان انهن کي ختم ڪنداسين.