اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پشاور قصه خ??اني جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته دهشتگرد ملڪ، قوم ۽ اسلام جا دشمن آهن، جن کي الله تعاليٰ جي گهر جي حرمت نه آهي اهي انسان سڏرائڻ جي لائق به نه آهن. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ سي??يورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، دهشتگردي جي ان واقعي ?? ٿيندڙ جاني نقصان تي دل ڏکويل آهي، دهشتگردي خلاف جانيون ڏيندرن جو رت رائيگان نه ويندو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته خ??برپختونخواهه حڪومت زخمين کي هر ممڪن بهتر علاج جو?? سهولتون فراهم ڪ??ي رهي آهي، شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون.