اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم عمران خان ايئرپورٽ اچ?? تي معزز مهمان جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي مهمان صدر کي گارڊ آف آرنر پڻ پيش ڪيو ويو. معزز مهمان کي ٻارن گلدست?? پيش ڪيو ۽ ان کي توپن جي سلامي ڏني وئي. ازبڪستان جو صدر پاڪستان جي دوري د??را?? صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان سان ملاقاتون ڪندو. پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن.