اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي متحده قومي موومينٽ جي پارلياماني اڳواڻ ۽ قومي اسي??بل?? ميمبر خالد مقبول صديقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير امين الحق، قومي اسي??بل?? ميمبر ڪشور زهره سا?? ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ڪراچي ۾ پرامن مظاهرين تي پوليس جي ناروا تشدد جي مذمت ڪئي، پرڏيهي چي?? ته پُرامن احتجاج کي لٺين ۽ شيلنگ جي ذريعي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جمهوري حق جي خلاف آهي. پرڏيهي وزير ايم ڪيو ايم جي ميمبر اسلم جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چي?? ته پوليس تشدد سا?? ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن جي اک ضايع ٿيڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چي?? ته متحده قومي موومينٽ جي عورتن تي پوليس تشدد جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، جهڙي طرح ايم ڪيو ايم جي چونڊيل ايم پي اي کي ڪراچي جي رستن تي گهليو ويو ۽ پوري قوم ڏٺو، شاهه محمود قريشي چي?? ته ڪالهوڪي افسوسناڪ واقعي سا?? جمهوريت جي ??وڙ?? دعويدارن جي ساک پڌري ٿي وئي آهي، روزاني جمهوريت جو درس ڏيندڙن جو اصل چهرو سڀني ٽي وي اسڪرينز تي ڏٺو. شاهه محمود قريشي چي?? ته سنڌ جي بلدياتي قانون کي پيپلزپارٽي کانسواءِ، سموريون پارٽيون رد ڪري چڪيون آهن، ايستائين جو پي ڊي ايم ۾ شامل پاڪستان مسلم ليگ ن به رد ڪري چڪي آهي، ان قانون جي خلاف اسي??بل?? جي اندر احتجاج ۽ اسي??بل?? جي ٻاهران جماعت اسلامي جو ڌرڻو مسلسل جاري آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چي?? ته سنڌ جو بلدياتي نظام، عوام جي وچ ۾ مذاق بڻجي ويو آهي، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين جي حيثيت سا??، ان قانون جي فوري تبديلي تي زور ڏنو.