اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان اخلاق جي تعمير جي موضوع تي جم??ي جو خطبو معمول موجب سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز جم??ي جو خطبو ڏنو. هن چيو ته زندگي جي هر رخ جي لحاظ کان حضور اڪرم ﷺ جي زندگي مبارڪ ۽ تعليمات ا??ان جي لا??ِ مشعل راهه آهن، بهترين اخلاق معاشري جو حسن هوندو آهي جنهن معاشري ۾ رويي ۽ هڪ ٻئي ??ان سلوڪ بهتر هجي اهو ئي معاشرو دنيا ۾ عزت ۽ وقار جو مقام حاصل ڪري سگهي ٿو، ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته اسلام جي تاريخ اخلاق حسنه جي مثالن ??ان ڀري پئي آهي، هن هجرت حبثه جو تاريخي حوالو ڏنو ۽ چيو ته مسلمان پناهگيرن جي اخلاق جي ڪري اتي ان لا??ِ عزت، احترام ۽ همدردي جا جذبا پيدا ٿيا آهن، اسلام جي ڇپجڻ جي تاريخ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مسلمان ديانت، امانت، سچائي، تعاون ، ايثار ۽ انساني احترام جي روين کي فروغ ڏنو، هن عيبن جي پرده پوشي ڪرڻ ۽ ٻين کي خراب نالن ??ان پڪارڻ جي مخالف جي باري ۾ اسلامي تعليمات تي روشني وڌي. هن بدگمانين ??ان گڏوگڏ غيبت کان بچڻ جي تلقين ڪئي ۽ چيو ته ان حوالي ??ان دين اسلام ?? واضح هدايتون آهن، ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته اخلاق حسنه رکندڙ معاشرو جوڙي ا??ان پاڪستان کي هڪ خوشحال ۽ باوقار ملڪ بڻائي سگهون ٿا، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لا??ِ دعا ڪئي وئي، واضح رهي ته صدر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لا??ِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جم??ي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.