اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اس?? قيصر چيو آهي ته صوابي ۾ پهريون ڀيرو تاريخي ترقي جي شروعات ٿي آهي جنهن جا ڏورس نتيجا ايندڙ نسلن تي پوندا، ص??ابي جي عوامي مسئلن کان ??ڱي ريت آگاهه آهيان، سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنج پير صوابي ۾ عوامي ميڙ کي خطاب دوران ??يو. هن چيو ته موجوده حڪومت ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ سڌارن جو سلس??و جاري آهي. باچا خان ??مپليڪس شاهه منصور کان ريفر ٽو پشاور کي ختم ڪيو ويندو ۽ عوام کي هر قسم جون صحت سهولتون پنهنجي ضلعي ۾ دستياب هونديون. اسپيڪر چيو ته صوابي ۾ يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن جو ڄار وڇايو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته عوام جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو.