اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ انساني صورتحال بابت اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ??رڏ??هي وزيرن واري ڪائونسل جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ جي سع??دي عرب جي قدم کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته دنيا افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جي غلطي نه ورجائيندي، هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان جي ڪمزور عوام جي مدد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن سع??دي عرب جي ??رڏ??هي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. افغان عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغان عوام جي انساني بنيادن تي مدد جي لاءِ پاڪستان مان ڪم ڪندڙ تنظيمن کي سهولت فراهم ڪئي. افغانستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي هن چيو ته پاڪستان انساني بنيادن تي فوري ريليف جي لاءِ 5 ارب رپين جي امداد ڏني آهي جيڪا 50 هزار ملين ٽن ڪڻڪ، هنگامي طبي سهولتن، سرديءَ کان بچڻ جي لاءِ شيلٽرز ۽ ٻين شين سميت کاڌي پيتي جي شين تي ٻڌل آهي. پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان وزيراع??م انهن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪي ويجهي دوستاڻن لاڳاپن، تاريخي رابطن ۽ هيٺئين سطح تي تعاون تي ٻڌل آهن. آڪٽوبر 2021ع ۾ پنهنجي سع??دي عرب جي دوري جو حوالو ڏيندي وزيراع??م ان دوري دوران ڪيل فيصلن تي عملدرآمد کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. او آءِ سي جي ??رڏ??هي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيندي سع??دي عرب جي ??رڏ??هي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود اميد ظاهر ڪئي ته هي اجلاس افغان عوام جي انساني بنيادن تي امداد جي لاءِ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ جو ذريعو بڻجندو. هن چيو ته سع??دي عرب پاڪستان سان مضبوط لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو جيڪي ڀائيچاري تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ ويجها ۽ گڏيل دوستاڻا لاڳاپا آهن، سع??دي عرب ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جو پڻ ميمبر آهي ۽ ڪشمير ڪاز جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.