ڪراچي – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته پاڪستاني قوم ماحوليات جي شعبي جي بهتري جو ڪم هڪ جذبي تحت شروع ڪيو آه??، وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه ۾ صوبائي حڪومت جي دوران ماحول جي بهتري لاءِ بلين ٽري سونامي منصوبو شروع ڪيو. مزار قائد جي اڱڻ ۾ جناح اربن فاريسٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چي?? ته منهنجي دور ۾ ايوان صدر ۾ اٽڪل 10 هزار ٻوٽا لڳايا ويا آه??. هن چي?? ته ڪراچي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ٻوٽا شهرين کي گهر جي درن تي فراهم ڪيا ويا آه??. ان کانپوءِ هڪ نئين سوچ تهت پنسلون سان گڏ ٻج لڳائي اسڪولن ۾ ورهايا ويا آه??. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته نه رڳو ٻوٽا ورهايا ويا آه?? پر اسڪولن ۾ هر ڪلاس جي سطح ت??ئين وڻڪاري دوران نوان لڳايا ويندڙ ٻوٽن جي حفاظت جي ذميواري پڻ شاگردن کي ڏني وئي آه??. هن چي?? ته شهر ۾ ڪاروباري، سماجي ذميواري جي بنياد ??ي 15 ايڪڙ زمين تي مياواڪي ٻيلو لڳائڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چي?? ته ڪوويڊ 19 جي وبا دوران سڄي دنيا ۾ ماحول بهتر ٿيو آه?? جنهن جو مطلب آه?? ته قدرت اسان کي ماحوليات جي شعبي تي ڌيان ڏيڻ جا اشارا ڪري رهي آه??. ڊاڪٽر عارف علوي افسوس جو اظهار ڪندي چي?? ته اسان ج?? سياح غيرذميواري جو مظاهرو ڪندي سياحتي جاين تي ڪچرو اڇلائي ڇڏين ٿا. هن چي?? ته پاڪستان ۾ ئي نه پر عالمي سطح تي اهو هڪ مسئلو بڻجي چڪو آه?? ۽ سياحتي جاين تي اڇلايو ويندڙ ڪچري کي گڏ ڪري ٺڪاڻي لڳائڻ هڪ مسئلو بڻجي چڪو آه??. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته اهو تاثر غلط آه?? ته حڪومت پنهنجي وڌيڪ بجيٽ دفاع تي خرچ ڪري ٿي جڏهن ته حقيقت اها آه?? ته حڪومت بجيٽ جو هڪ وڏو حصو تعليم تي خرچ ڪري ٿي.