اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان شهرين جي شڪايتن جي ازالي جي لاءِ وڏو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم 2549 ادارن جي جزوي طور تي حل ٿيل شڪايتن کي ٻيهر کو??ڻ جو حڪم ڏنو آهي. پرائم منسٽر ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) پاران جاري تفصيل موجب ان سلسلي ۾ 83 هزار 741 شڪايتن کي ٻيهر کولي مجاز آفيسرن کي ضروري ڪارروائي جي لاءِ تفويض ڪيون وي??ديون. ڄاڻايل سمورين شڪايتن ۾ شهرين کي جزوي ريليف جو اشارو ڏنو وي?? هو. پي ايم ڊي يو چيو آهي ته 773 وفاقي ادارن جون 43 هزار 351 شڪايتون کوليون وي??ديون جڏهن ته صوبائي حڪومتن جي 2450 ادارن جون 40 هزا?? 415 شڪايتون ٻيهر تفويض ڪيون وي??ديون. پي ايم ڊي يو چيو آهي ته وفاقي سطح تي س?? کان وڌيڪ 3181 شڪايتون آئيسڪو جون کوليون وي??ديون جڏهن ته صوبائي سطح تي پنجاب ۾ هاءِ وي جون 1606، خيبرپختونخواهه ۾ پي ڊي اي جون 412، سنڌ ۾ ڪي ڊبليو ايس پي جون 874 ۽ بلوچستان ۾ سيڪنڊري ايجوڪيشن جون 130 شڪايتون سرفهرست آهن. پي ايم ڊي يو چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ عوامي شڪايتن جو هر ممڪن حل يقيني بڻايو وي??دو.