اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته پاڪستان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند نه آهي، پرامن ۽ مض??وط افغانستان جي لاءِ پاڪستان ڀرپور حمايت ڪندو، افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ افغان اڳواڻن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. هو افغانستان سان تع??ق رکندڙ سياسي اڳواڻن سان ڳالهائي رهيو هو جن ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. سياسي اڳواڻن جي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم عمران خان دين، تاريخ، جاگرافيائي، ثقافت ۽ رشتيداري جي مض??وط رابطن جي ذريعي پاڪستان جي عوام پاران ڀائر افغان عوام جي لاءِ ڀرپور حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند نه آهي. وزيراعظم ??يو ته موجوده صورتحال ۾ افغان اڳواڻن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي افغانستان کي پائيدار امن، استحڪام ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ تع??يري طور تي گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم افغانستان ۾ ٺوس سياسي حل جي لاءِ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي وزيراعظم عمران خان خاطري ڪرائي ته پاڪستان ان سلسلي ۾ ڪئي ويندڙ ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪندو. وفد جي ميمبرن وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ امن ڪوششن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو. هنن ??يو ته افغانستان جو معاشرو گهڻ نسلي ??وعيت جو آهي ۽ اتي ٺوس نظم ۽ ضبط جي ضرورت آهي. افغان وفد پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مض??وط بڻائڻ جي خواهش کي پڻ ورجايو.