اسلام آباد – 12 آگ??ٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪاره دردانه بٽ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ا??هار ڪيو آهي. پنهنجي تع??يت?? بيان ۾ هن چيو ته دردانه بٽ اهڙي شاندار صلاحيتن واري فنڪار هئي جنهن کان ٻيا اداڪار به سکندا هئا. پنهنجي پرڪشش شخصيت کانسوا??ِ هن پنهنجي فنڪاراڻي قابليت سان عوام کان بي پناهه محبت ۽ داد وصول ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سندس لاڏاڻو شوبز انڊسٽري لا??ِ هڪ وڏو نقصان آهي، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه جا درجا بلند فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر جميل عطا فرمائي.