بهاولپور – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب جي حوالي سان ڪنهن به قسم جو قدم کڻڻ کان اڳ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي ويندي، هن خطي ۾ زراعت جي اهميت جي ڏس ۾ پاڻي بابت سمورن مسئلن کي حل ڪيو ويندو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪس جي مد ۾ رڪارڊ اوڳاڙيون گڏ ٿيون آهن جيڪو عوام جو حڪومت تي اعتماد آهي، تعليم، صحت ۽ ب??يا??ي ڍانچي جي بهتري حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم بهاولپور ڊو??زن ۾ ترقياتي م??صوبن ۽ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي ڪارڪردگي ۽ تعمير تي اڳڀرائي بابت جائزه ??جل??س جي صدارت ڪئي ۽ مقامي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي م??مبرن سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، طارق بشير چيما، سيد فخر امام، خاص معاونين جمشيد اقبال چيما، ڊاڪٽر شهباز گل، ملڪ عامر ڊوگر، سينيٽر عون عباس بپي، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، ناڻي واري صوبائي وزير هاشم جوان بخت، قومي اسيمبلي م??مبر ڪنول شوزب ۽ ٻين قومي ۽ صوبائي اسيمبيل ميمبرن ??جل??س ۾ شرڪت ڪئي. ??جل??س ۾ وزيراعظم کي بهاولپور ڊو??زن جي مجموعي صورتحال جنهن ۾ معاشي، سماجي، تعليم، صحت، ب??يا??ي ڍانچي ۽ خاص طور تي زراعت جي پيداوار تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ??جل??س کي ٻڌايو ويو ته بهاولور ڊو??زن ايراضي جي لحاظ کان پنجاب جي سڀ کان وڏي ڊو??زن آهي، جنهن ۾ پسماندگي جي شرح پوري پنجاب ۾ ٻئي نمبر تي آهي جنهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت ٺوس حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي. ڏکڻ پنجاب پئڪيج ۾ سمورن ضلعن ۾ صحت، تعليم ۽ ب??يا??ي ڍانچي جا منصوبا شامل آهن. جڏهن ته ان ڊو??زن ۾ پنجاب جي 50 سيڪڙو ڪپهه جي پيداوار ٿئي ٿي جنهن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ منصوبابندي ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ تحقيقي ادارا قائم ڪرڻ، سٺي ٻج جي فراهمي، آبادگارن جي مدد، جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ پاڻي جي مسئلن جو حل شامل آهي. صنعتن جي ترقي لاءِ صنعتي زونز ۾ ڪم جي رفتار کي وڌائڻ ۽ موجوده صنعتن ۾ ويليو ايڊيشن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ ??جل??س کي ٻڌايو ويو ته چولستان ۽ بهاولپور جي ماسٽرن پلان تي تيزي سان ڪم جاري آهي، چولستان ۾ اسڪولن کي سولرائز ڪرڻ، اسپتالن جي تعمير ۽ بهاولپور کي سي پيڪ سان ڳنڍڻ جي لاءِ رستي جي م??صوبي تي اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. ڏکڻ پنجاب جي حوالي سان ??جل??س کي ٻڌايو ويو ته رولز آف بزنس تي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي جنهن جي جلد منظوري ورتي ويندي. 40 مان 15 صوبائي کاتن کي ڏکڻ پنجاب ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، گذريل 6 مهينن کان ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سيڪريٽريٽ جا معاملا ڏسي رهيو آهي، ڏکڻ پنجاب جي م??تان ۽ بهاولپور ۾ عمارتن جي تعمير تي اڳڀرائي بابت پڻ ??جل??س کي آگاهه ڪيو ويو ان کانسواءِ ??جل??س کي اهو به ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال بجيٽ ۾ ڏکڻ پنجاب جي لاءِ 189 ارب رپين جي رقم سان 2491 منصوبا شامل آهن جن مان 91 سيڪڙو جي م??ظوري به ٿي چڪي آهي، سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا جي لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو پيو وڃي جنهن جي حوالي سان حتمي فيصلو جلد ڪيو ويندو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته ڏکڻ پنجاب جي حوالي سان ڪنهن به قسم جو قدم کڻڻ کان اڳ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته پاڻي انسان جي ب??يا??ي ضرورت آهي ۽ هن خطي ۾ زراعت جي اهميت جي ڏس ۾ لاڳاپيل سمورن مسئلن کي حل ڪيو ويندو، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪس جي مد ۾ رڪارڊ اوڳاڙيون گڏ ٿيون آهن جيڪو عوام جو حڪومت تي اعتماد ظاهر ڪري ٿو. تعليم، صحت ۽ ب??يا??ي ڍانچي جي بهتري حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ان موقعي تي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي م??مبرن بهاولپور ڊو??زن جي مختلف ضلعن ۾ عوام کي درپيش مسئلن ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون.