اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان سان ٽيوٽا موٽر ڪارپوريشن جي وائيس چيئرمين شنجي ياناجي ۽ انڊس موٽرز جي سي اي او علي اصغر جمالي ملاقات ڪئي ۽ آٽو صنعت ۾ هائبرڊ ٽيڪنالاجي جي مقامي سطح تي مينوفيڪچرنگ شروع ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي جي باري ۾ آگاهه ڪيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي ٻڌاي?? ويو ته ٽيوٽا ڪمپني پاڪستان ۾ آٽو صنعت ۾ هائبرڊ ٽيڪنالاجي جي مقامي سطح تي مينوفيڪچرنگ شروع ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿي ان کانسواءِ وزيراعظم کي مثبت ۽ ڪاروبار دوست حڪومتي پاليسين جي ڪري وڏي پئماني ??ي صنعت ۽ خاص طور آٽو انڊسٽري ۾ ٻاهرين سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد جي باري ۾ به آگاهه ڪي?? ويو.