اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??اڪ??تان سنگل ونڊو ايڪٽ 2021ع ۽ ??ين??ٽ سيڪريٽريٽ سروسز (ترميمي) ايڪٽ 2021ع تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب ??اڪ??تان سنگل ونڊو ايڪٽ تحت قومي ۽ عالمي واپار ۾ آساني لاءِ خودمختيار ادارو قائم ڪيو ويندو. روانگي واپار، آمدني واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ بابت سموريون سهولتون هڪ ئي نظام ۾ ميسر هونديون، اداري جي قيام سان ڪاروباري خرچن ۾ گهٽتائي ٿيندي. سرحد پار واپار آسان بڻائڻ ۽ سامان جي تيز ترين پهچ ۾ مدد ملندي. اداري جي قيام سان ڊيٽا جي وقت سر پراسيسنگ ۽ معياري خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري ا??ندي، اداره گورننگ ڪائونسل ۽ سيڪريٽريٽ تي ٻڌل هوندو، ??ين??ٽ سروسز ايڪٽ تحت ??ين??ٽ سيڪريٽريٽ جي گريڊ 17 ۾ مقرري فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ٿيندي، گريڊ هڪ کان 16 جي مقرري جو مجاز ??ين??ٽ سيڪريٽريٽ هوندو، ڊيپوٽيشن تي آيل آفيسر ??ين??ٽ سيڪريٽريٽ ۾ ضم نه ٿي سگهندا.