اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) حڪومت جي اتحادي پارٽين ملڪ جي بهتري لاءِ وز??راعظم عمران خان جي ويزن جي مڪمل حمايت جو عزم ظاهر ڪندي سينيٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي حوالي سان وز??راعظم جي فيصلي جي ڀرپور حمايت کي و??جايو آهي. وز??راعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وز??راعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دفاعي پيداوار واري وفاقي وز??ر زبيده جلال، قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، هائوسنگ وارو وفاقي وز??ر طارق بشير چيما، دفاع وارو وز??ر پرويز خٽڪ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وز??ر شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز ۽ منصوبابندي ۽ ترقي و??رو وفاقي وز??ر اسد عمر پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال ۽ اتحادي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. حڪومتي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن وز??راعظم عمران خان جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ سينيٽ ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي حوالي سان وز??راعظم جي فيصلي جي ڀرپور حمايت کي و??جائيندي ملڪ جي بهتري لاءِ وز??راعظم عمران خان جي ويزن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ م??مل حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو.