اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين پاڪستان پهچي و??ي آهي، حڪومتي پاليسي موجب ڪورونا ويڪسين سڀ کان اڳ هيلٿ ورڪرز کي لڳائي ويندي. وزيراعظم عمران خان ٽيليفون ذريعي عوام جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ڪورونا ويڪسينيشن جي لاءِ امير غريب جو ڪو فرق نه هوندو، هيلٿ ورڪرز کانپوءِ ب??رگ شهرين کي ڪورونا ويڪسين لڳائي ويندي، حڪومت جي پوري ڪوشش ه??ندي ته هلندڙ سال وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وڃي.