اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته جنوري 2021ع ۾ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي جو ڪاٿو 2 ارب 27 ڪروڙ ڊالر رهيو جيڪو جنوري 2020ع جي مقابلي ۾ 19 سيڪڙو وڌيڪ رهيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي جو ڪاٿو مسلسل اٺين مهيني به ٻه ارب ڊالر کان وڌيڪ رهيو جنهن تي آئون پرڏيهي پاڪستانين جو ٿورائتو آهيان، وزيراعظم عمران ??ان چيو ته هلندڙ مالي س??ل جي دوران هيستائين پرڏيهي پاڪستانين جي مٽاسٽا جو ناڻو گذريل س??ل جي انهي مدي جي مقابلي ۾ 24 سيڪڙو وڌيڪ آهي جيڪو هڪ رڪارڊ آهي.