اسلام آباد – 17 –; جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فر??ز چيو آهي ته ممنوعه فنڊنگ ۾ اسان کي ڦاسائيندڙ مخالف ڌر پاڻ اليڪشن ڪميشن ۾ ڦاسي چڪي آ??ي، پي ٽي آءِ پنهنجي ڪارڪنن ۽ خيرخواهن جا نالا، ايڊريس، شناختي ڪارڊ ۽ ٻين دستاويزن جي 40 هزار انٽريز تي ٻڌل تفصيل اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، ??خالف ڌر کي مشورو آهي ته اها جٿن جي پٺيان لڪڻ بدران خاموشي سان اليڪشن ڪميشن وڃي پنهنجي فارن فنڊنگ جا تفصيل جمع ڪرائي، پي ڊي ايم ناڪام تحريڪ تي ٿيسز لکيا ويندا ته ڇو اها تحريڪ ناڪام ٿي، پي ڊي ايم جو آخري پتو اليڪشن ڪميشن جي سامهون احتجاج جو آ??ي، 19 جنوري تي اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج منهن جي پڪائي، عوام کي گمراهه ڪرڻ ۽ ادارن کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي سرگرمي آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ ري??وي واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري فر?? حبيب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.