اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي ??ي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق ??نج??اڻي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ڪرسمس ڏڻ جون دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته بين ا??مذاهب هم آهنگي ۽ هڪٻئي جي عقيدن ۽ نظرين جي احترام جي ذريعي ئي امن ۽ ترقي جي عمل کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۽ سڄي دنيا ۾ امن جي فروغ لاءِ بين ا??مذاهب هم آهنگي انتهائي اڻٽر آهي ۽ دنيا جا سمورا مذهب امن، محبت، برداشت ۽ انسانيت جي احترام جو سبق ڏين ٿا. پائيدار امن جي قيام لاءِ بين ا??مذاهب مڪالمه ضروري آهي، هن چيو ته انفرادي ۽ اجتماعي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن دنيا کي امن جو گهوارو بنائي سگهجي ۽ اهو ڏينهن ا?? لحاظ کان ا??تهائي اهم آهي ته ان ڏينهن ا?? عظيم مسيحا جو ظهور ٿيو جنهن ا??سانيت کي امن، برداشت ۽ محبت جو درس ڏنو، سينيٽ چيئرمين چيو ته مسلمان جي حيثيت سان ح??رت عيسيٰ عليه السلام الله تعاليٰ جي پيغمبر جي طور تي اسان جي لاءِ قابل قدر آهي ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام جو امن ۽ محبت جو پيغام ۽ تعليم اسان جي لاءِ ايتري ئي اهم آهي جيتري اسان جي عيسائي ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ اهميت رکندي آهي.