اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وبا عالمي چئلينج آهي ج??هن تي عالمي ردعمل گهربل آهي، پاڪستان ڪورونا وبا کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کن??ا آهن، وزيراعظم پاران مستحقين جي لاءِ 8 ارب ڊالر جو رليف پئڪيج ڏنو ويو آهي، ڪورونا چئلينج جي خلاف قومي ڪوششون عالمي حمايت ک??نسواءِ پوري طرح موثر نه ٿيون ٿي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن غيروابسته ملڪن جي تحريڪ جي سربراهه اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.