ڪراچي – 07 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جو وڏو واپاري مرڪز آهي، ڪراچي جي ترقي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، نئين بلدياتي ??ظا?? تحت وڏن شهرن جو پنهنجو ??ظا?? هوندو، ڪراچي پاڪستان جو حب آهي، هتان جي ترقي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، ڪراچي بهتر ٿيندو ته پاڪستان بهتر ٿيندو، گذريل حڪومت جي دور ۾ پنجاب جا 50 سيڪڙو فنڊز لاهور تي خرچ ٿيا، لاهور بهتر ٿيو پر باقي علائقا ترقي کان محروم رهيا، اسان اهڙو بلدياتي ??ظا?? آڻي رهيا آهيون جنهن تحت ميئر ۽ ناظم جي سنڌي سنئين چونڊ ٿيندي. گورنر هائوس ڪراچي ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي افتتاحي تقريب جي موقعي ??ي پنهنجي و??يو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو موسم خراب هجڻ سبب ان تقريب ۾ شرڪت جي ل??ءِ ڪراچي نه اچي سگهڻ تي ڪراچي جي ماڻهن سان معذورت خواه آهي. ڪراچي اچڻ جو مقصد ڏيڍ سالا اقتدار جي دور ۾ ڪراچي ۾ شروع ڪيل 5 منصوبن جو افتتاح ڪرڻو هو جن ۾ ٽن فلائي اوورز ۽ ٻن رس??ن جي تعمير شامل هئي.