اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا معصوم ۽ بي گناهه ڪشميرين ??ان پنج مهينن کان جاري رياستي دهشتگردي، ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمان مخالف تڪراري قانونسازي، ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف مذمتي قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي، ڪابينا عالمي فورمز تي ڪشميرين ??و ڪيس بهتر انداز ۾ وڙهڻ تي وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيندي عالمي برادري جي سمورن اڳواڻن، انساني حقن جي علمبردار تنظيمن ۽ عالمي ادارن کي اپيل ڪئي ته ڪشميرين ??ان ٿيندڙ زيادتين ??و نوٽيس وٺن، وزيراعظم جنوري جي پهري?? هفتي بنيادي ضرورت جي شين ??ي 6 ارب رو??يا سبسڊي ۽ جنوري جي آخري هفتي ۾ ڪمزور طبقن جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مالي مدد ڪارڊ جاري ڪندو، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بر??فن?? ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس جي آغاز ۾ گذريل تقريبن پنج مهين کان والاريل ڪشمير ۾ جاري ڪرفيو ۽ معصوم ڪشميرين ??ي ظلم ۽ ستم جي شديد مذمت ڪئي.