لاهور – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لوڪل گورنمينٽ سسٽم تي جلد کان جلد عملدرآمد تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته ان سلسلي ۾ منصوبي کي مقرر وقت تي مڪمل ڪيو وڃي جڏهن ته وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ??هي ته پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون ايندڙ سال ما??چ ۽ مئي ۾ ٻي مرحلي ۾ ٿينديون. وزيراعظم م??ڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب ميونسپل سروسز پروگرام جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.