اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چي?? آهي ته عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ وسيع قدرتي وسيلن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ کي فروغ ڏيڻ لاءِ موثر قدم ??نيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا جي لاءِ جامع زراعت ۽ ترقياتي منصوبن خاص طور تي چشمه رائٽ بئنڪ ڪينال (سي آر بي سي) بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي ??زي?? حماد اظهر، واپار واري صل??حڪ??ر عبدالرزاق دائود، خيبرپختونخوا جي صوبائي ??زي??ن تيمور سليم جهڳڙا، محب الله، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين خرم آغاز، ايف بي آر جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق احمد ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ??زي??اعظم چي?? ته چشمه رائيٽ بئنڪ ڪينال (سي آر بي سي) جي لفٽ ڪم گريويٽي پروجيڪٽ جي تعمير ڏکڻ خيبرپختونخوا ۾ هڪ وسيع علائقي جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ هڪ حقيقي گيم چي??جر ثابت ٿيندي. تڪميل کانپوءِ اهو منصوبو خيبرپختونخوا ۾ تقريبن 3 لک ايڪڙ بنجر زمين کي آباد ڪندي، اهو نه رڳو خطي ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائيندي پر وچ اوڀر ۾ زرعي پيداوار جي برآمد وڌائي ملڪ لاءِ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجندو. ??زي??اعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو علائقي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم ??ڻڻ، ان سان نه رڳو علائقي جي آبادگارن جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو پر غربت ۽ بک جي خاتمي، مقامي آبادي جي لاءِ بهترين تعليم، صحت جي بنيادي سهولتن ۽ ٻين شهري سهولتن کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چي?? ته اسان کي پنهنجي ماڻهن کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ موجود وسيع قدرتي وسيلن جي مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، اجلاس ۾ چشمه رائيٽ بئنڪ لفٽ ڪينال (سي آر بي سي) جي ميگاڊولپمينٽ پروجيڪٽ جي تعمير لاءِ متبادل مالياتي ماڊلز تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.