اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان برطانيه سان پنهجي لاڳاپن کي اعليٰ ترجيح ڏئي ٿو. گڏيل فائدي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ لا??ڊ واجد سان ملاقات دوران ڪئي. صدر ان کي پاڪستان جي سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي جي باري ۾ آگاهه ڪيو جن??ن جي ڪري ڪووڊ – 19 وبائي مرض کي ڪاميابي سان قابو ڪيو ويو، هن گذريل 20 سالن دوران دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي تي به روشني وڌي. افغانستان جي صورتحال جي باري ۾ خيالن جي مٽاسٽا ڪندي صدر چيو ته پاڪستان افغانستان کي انساني امداد فراهم ڪئي آهي، ۽ 12 هزار کان وڌيڪ افغان ۽ غير ملڪي شهرين جي نڪرڻ ?? سهولت فراهم ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان گذريل چئن ڏهاڪن کان تقريبن 40 لک افغانين جي ميزباني ڪري رهيو آهي ان کانسواءِ هو افغانستان جي نئين سر تعمير ۽ ترقي ۾ به پنهنجو حصو وجهي رهيو آهي، صدر عارف علوي لا??ڊ واجد کي هائوس آف لا??ڊ تائين ترقي ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اها ڪاميابي برطانيه جي عوام ۽ قيادت پاران ان جي ويزن جي احترام جي عڪاسي ڪري ٿي. صدر ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي باري ۾ خدشن کي اجاگر ڪرڻ لا??ِ لا??ڊ واجد جي ڪوششن کي ساراهيو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو ڀارتي قابض فوج پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بي گناهه ماڻ??ن جي خلاف جاري دهشتگرداڻي ڏاڍ جو نوٽيس وٺي ۽ ڀارت کي ان جي ڪڌي عمل جو جوابده بڻائي، لا??ڊ واجد خان پاڪستان کي ڪووڊ 19 جي وبا کي ڪامياب طريقي سان منهن ڏيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي جي واکاڻ ڪئي.