لاهور – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تحريڪ انصاف هڪ خاندان آهي، هر خاندان ۾ غلط فهمي ٿيندي رهندي آهي، عمران خان جي قيادت ۾ اسان سڀ متحد آهيون، مخالف ڌر کي غلط فهمي ٿي وڃي ٿي ته تحريڪ انصاف ۾ اختلاف پيدا ٿي ويو، اميد آهي هاڻي مخالف ڌر جون جهمريون ختم ٿي وينديون. اهڙن خيالن جو اظها?? هن پي ٽي آءِ جي اڳواڻ نعم??ن لنگڙيال جي مانجهاندي ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته جهانگير ترين ۽ سندس ساٿين جو موقف تفصيل سان ٻڌو، نعم??ن لنگڙيال سان ويجها لاڳاپا آهن، اسان جي وچ ۾ رابطن ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. پارٽي ۾ مسئلا ڳالهه ٻولهه سان حل ٿيندا آهن، ڪجهه مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ۾ رڪاوٽ به اچي وڃي ٿي پر وڏن معاملن تي اهي سڀ ماڻهو بلڪل واضح آهن ته تحريڪ انصاف اسان جي پارٽي آهي ?? ان تي ڪنهن قسم جي ٻي راءِ نه آهي. هن چيو ته جهانگير ترين جي معاملي تي اڳ ۾ به اسان واضح موقف رکيو آهي، تحريڪ انصاف جي اندر نه ته جهانگير ترين کي اميد آهي ته عمران خان ان جي لاءِ ڪا غيرقانوني سفارش ڪندو ۽ نه ئي عمران خان جو اهو مزاج آهي.