اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ ٻين عالمي فورمن تي ??لس??ين مسئلي ۽ اسرائيلي ظلمن کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو آهي، ??لس??ين جي مسئلي جي پائيدار ۽ مستقل حل تائين وچ اوڀر ۾ امن قائم نه ٿو ٿي سگهي، انساني جانين جي تحفظ ۽ مسئلي جي حل لاءِ عالمي ضمير کي جاڳائڻ ۽ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، جنرل اسيمبلي جو صدر 27 مئي تي پاڪستان جو دورو ڪندو، انساني همدردي جي بنياد تي ??لس??يني ڀائرن جي لاءِ امداد موڪلينداسي??، پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ امن، ترقي ۽ خوشح??لي جا خواهشمند آهيون، وزيراعظم عمران خان جي هوندي ڪو آمريڪي اڏو پاڪستان جي سرزمين تي نه ٺهندو، اسان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڊرون حملا برداشت نه ڪيا ويندا، اڄ پاڪستان محفوظ هٿن ۾ آهي. سينيٽ ۾ ??لس??ين جي صورتحال تي پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ه??گا??ي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي هن ملڪ جو موقف پيس ڪيو ۽ اسان هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي.