اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪجهه اڳوڻن بابوئن جي وزيراعظم کي لکيل خط تي حيران آهيان، تحريڪ انصاف ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين خاص طو?? تي پورهيتن سان گڏ هر حال ۾ بيٺل هوندي. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته رويا بدلائڻ جي ضر??رت آهي، عام ما??هن سان اسان جي بيوروڪريسي جو سلوڪ قطعي طو?? تي فخر جوڳو نه آهي، اها عام شڪايت آهي ۽ سفارتخانا به ان کان آزاد نه آهن. ڪنهن به شعبي وانگر سفارتخانن ۾ تمام سٺا آفيسرز آهن پر اڳوڻن دورن ۾ پاڪستانين سان جيڪو سلوڪ رکيو ويندو هو ان تي داستان لکي سگهجن ٿا.