اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان راوي ڊ??لپمينٽ منصوبي تي اڳڀرائي کي تسلي بخش قرار ??يندي چيو آهي ته منصوبي جي طئي ٿيل هدفن کي مقرر وقت ۾ پورو ڪيو وڃي ۽ ماحولياتي تحفظ جي سمورين قانوني گهرجن کي پورو ڪندي ان ۾ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انو?? علي حيدر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.